ملڪه پکراج

ملڪه پکراج

پکراج ملڪه

پکراج، ملڪه: ننڍي کنڊ جي ملڪه موسيقي، ملڪه پکراج 1927ع ۾ هميرپور (ڄمون) ۾ پيدا ٿي. هن ان وقت جي استادن کان ڪلاسيڪي موسيقيءَ جا بنيادي گُر سکيا. لکنئو جي شمبو مهاراج کان ناچ به سکيو. ان کان پوءِ استاد بڙي غلام علي خان جي استاد علي بخش کانسواءِ استاد برڪت علي خان کان به سکيا ورتائين. استاد مبارڪ علي خان سندس پهريون باقاعدي استاد هو، جيڪو ڄمونءَ ۾ هن جي گهر ۾ مسواڙ تي رهندو هو. ملڪه پکراج ڪشميري گيتن ۽ غزلن کي زبردست نموني ڳايو آهي. سندس صلاحيتن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هيءَ 9 سالن جي عمر ۾ ڪشمير رياست جي حڪمران راجا هري سنگهه جي درٻار ۾ ڳائڻيءَ جي حيثيت ۾ گزيٽيڊ آفيسر مقرر ٿي. ارڙهن سالن جي عمر ۾ نوڪري ڇڏي، لاهور ۾ اچي وئي. لاهور جي هڪ رئيس سيد شبير احمد شاهه سان شادي ڪيائين. سندس ڇهن ٻارن مان ڪنهن به پنهنجي ماءُ جي فن کي اڳتي نه وڌايو، سواءِ ننڍي ڌيءَ طاهره سيد جي. ملڪه پکراج اردو ۾ پنهنجي آتم ڪهاڻي به لکي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو